انشائي تعليم ڀاڱو پهريون

انشائي تعليم (ڀاڱو پهريون) (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو لکيل آهي. جنهن ۾ تعليم جي مسئلن جو ذڪر آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 33 صفحا آهن ۽ قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، بگومل تلسيداس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان سال 1916ع ۾ ڇپايو.
هن ڪتاب جي ساڳئي نالي سان ڇپيل ٻئي ڀاڱي ۾ 64 صفحا آهن جن جي قيمت 62 پئسا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، محمد ابراهيم ائنڊ برادرس، محمد پريس، شڪارپور مان سال 1965ع ۾ شايع ڪيو.
هن ڪتاب جي ساڳئي نالي سان ڇپيل ٽئين ڀاڱي ۾ 88 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو ڄاڻايل آهي. اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان سال 1936ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو